اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت ڪاروباري شعبي جي ترقي لاءِ برابري جي سطح تي موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، عالمي منڊ??ن جي بدلجندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ معاشي فائدا حاصل ڪرڻ جي لاءِ عالمي رجحانن موجب حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي. اهڙن خيالن ج?? اظهار هن انٽر پرينيورز آرگنائيزيشن اي او جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. صدر ??ارف علوي چيو ته حڪومتي سڌارن ۽ پاليس??ن جي ڪري پاڪستان ج?? ڪاروباري ماحول ۾ بهتري آئي، ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني جي عالمي درجابندي ۾ پاڪستان ج?? پوزيشن 28 درجا مستحڪم ٿي.