اسلام آباد ??? 03 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي گادي واري شهر، پنجاب ?? خيبرپختونخوا صوبي جي وڏن شهرن جي ماسٽر پلان کي نئين سر ترتيب ڏيڻ جي حوالي سان جائزي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ماحوليات واري صلاحڪار ملڪ امين اسلم، قومي اسيمبلي م??مبر ۽ ماهر ٽائون پلاننگ خيال زمان، نئين پاڪست??ن هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين، هائوسنگ جي سيڪريٽري ۽ ٻين س??نئ?? عملدارن شرڪت ڪئي، جڏهن ته پنجاب جي چيف سيڪرٽري سميت پنجاب ?? خيبرپختونخوا صوبي جا اعليٰ عملدار وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا، ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان کي وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد، پنجاب ?? خيبرپختونخوا صوبي جي وڏن شهرن جي ماسٽر پلانز جو حاضر دور جي ضرورتن موجب هم آهنگ ڪرڻ ۽ نئين سر جوڙڻ جي حوالي س??ن هيستائين جي اڳڀرائي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.