اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي رمضان المبارڪ ۾ مسجدن ۾ اجتماع ۽ تراويح نماز بابت سفارشن جي تياري لاءِ سمورن صوبن جي گورنرز ۽ عالم سڳورن جو اجلاس 18 اپريل ??ي طلب ڪري ورتو آهي. اهو فيصلو ايوان صدر ۾ هڪ اجلاس ۾ ڪيو ويو جنهن ۾ وفاقي گهرو وزير ب??گيڊيئر (ر) اعجاز احمد شا??ه، مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير پير نورالحق قادري شرڪت ڪئي.