اسلام آباد – 10 اپريل (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي وبا پوري دنيا جي لاءِ آزمائش آهي، وبا ۽ لاڪ ڊائون جي اثرن ک?? منهن ڏيڻ لاءِ تياري ڪئي وئي آهي، ڪورونا رليف فنڊ ۽ رضاڪار ٽائيگر فورس متاثرين جي امداد ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا، اسان ک?? پنهنجي غريب ۽ ڪمزور طبقن جو خصوصي خيال رکڻو آهي، سمورن صوبن ۽ لاڳاپيل ادارن سان مڪمل رابطا قائم آهن، ??ها جنگ پوري قوم گڏجي کٽيندي، ڪورونا رليف فنڊ جي حوالي سان 92 نيوز چيئنل جي لائيو ٽيلي ٿون ۾ خيالن جو اظهار ڪندي وزير??عظ?? چيو ته ڪورونا جي ڪري ??يل لاڪ ڊائون سبب پوري دنيا تي اثر پيا آهن، معيشت کي نقصان پهتو، اسان مستقبل ۾ ان جي اثرن ک?? نظر ۾ رکندي منصوبابندي ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته موجوده بحران ۾ آمريڪا 2200 ارب ڊالر ۽ جاپان هڪ هزار ارب ڊالر جو رليف پيڪيج ڏنو آهي جڏهن ته اسان پوري ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته 8 ارب ڊالر جو پيڪيج ڏئي سگهون، وزير??عظ?? چيو ته اسان وٽ وڌيڪ وسيلا نه آهن ۽ جيڪي دستيا?? آهن انهن ک?? استعمال ۾ آڻي رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان ۾ خيرات ڏيندڙ سڀ کان وڌيڪ آهن، اهو اسان جي ايمان جو حصو آهي ته اسان الله جي خوشنودي لاءِ زڪوات ۽ خيرات ڪندا آهيون، ??ها اسان جي طاقت آهي، انهي طرح اسان جا نوجوان به وڏي طاقت آهن، مستقبل ۾ ڪهڙيون حالتون هونديون، ان جو ڪنهن ک?? پتو نه آهي تنهن هوندي به اسان ک?? پنهنجي تياري ڪرڻي پوندي، اسان ان مقصد جي لاءِ پنهنجي انهن ٻنهي طاقتن ک?? استعمال ۾ آڻينداسين.