اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وفاقي حڪومت بلوچستان جي پٺتي پيل علائقن جي ترقي جي لاءِ هر ممڪن وسيلن جي فراهمي يقيني بڻائيندي، بلوچستان ص??بي ۾ سي پيڪ منص??بن کي ??قر?? مدي ۾ مڪمل ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب بلوچستان جي وڏي وزير وزيراعظم کي بلوچستان ۾ ترقياتي منص??بن جي حوالي سان بريفنگ ڏني ۽ سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت بلوچستان جي پٺتي پيل علائقن جي ترقي لاءِ هر ممڪن وسيلن جي فراهمي يقيني بڻائيندي. هن چيو ته بلوچستان ص??بي ۾ سي پيڪ منص??بن کي ??قر?? مدي ۾ مڪمل ڪيو ويندو.