اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان جي قبائلي علائقن ۾ سڌارن لاءِ نون قانونن جي ضرورت آهي، حڪومت ان سلسلي ۾ جلد ئي نوان قانون متعارف ڪرائيندي جنهن جا مثبت نتيجا نڪرندا. هن اها ڳالهه ايوان صدر ۾ اسلاميه ڪاليج ??ونيورسٽي پشاور ۽ اسلاميه ڪاليج ??اهور جي شاگردن جي ميڙ کي خطاب ڪندي چئي. اهو ميڙ قائداعظم جي سالگرهه جي تقريبن جي سلسلي جي ڪڙيءَ هو. صدر چيو ته اقتصادي لنگهه جي فعال ٿيڻ کانپوءِ اقتصاد?? سرگرمين ۾ نئين زندگي پيدا ٿيند?? ۽ ??وزگار جا ڪيترائي موقعا ملندا جن مان فائدوکڻڻ جي لاءِ نوجوانن کي هينئر کان ئي تياري شروع ڪرڻ گهرجي.