اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفا??ي وزير سينيٽر شبلي فراز چي?? آهي ته ڪورونا حقيقت آهي ان جي باوجود مخالف ڌر پارٽين پاران غير ذميداراڻا بيان ڏنا پيا وڃن، مخالف ڌر پارٽيون پنهنجي قومي ذميدارين کان پاڻ کي آجو سمجهن ٿيون، ڪورونا وبا جي ٻي له?? پوري دنيا ۾ تباهي پکيڙي رهي آهي، مخالف ڌر پارٽين کي عوام کي ڪورونا وائرس کان محفوظ رک?? طرف به ڌيان ڏيڻ گهرجي، نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته لڳي ٿو ته مخالف ڌر طئي ڪري ورت?? آهي ته ڪنهن به طرح ملڪ کي نقصان پهچائڻ?? آهي، ڪورونا سان عوام جو ته نقصان ٿيندو ئي ان سان معيشت تي به اث?? پوندو، هن چيو ته اها ئي مخالف ڌر هئي جيڪو چوندي هئي ته مڪمل لاڪ ڊائون ڪريو ۽ اڄ اها ئي مخالف ڌر چئي رهي آهي ته پابندي نه لڳايو، پشاور ۾ جيڪڏهن مخالف ڌر جو جلسو نه ٿيندو ته ڪهڙو نقصان ٿي ويندو.