اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي عالمي حيثيت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۾ تسليم ٿيل ??هي، جنهن تي عملدرآمد ٿيڻ باقي آهي، سڀني ميمبر ملڪن جي گڏيل ??ميداري آهي ته هو ڀارت ک?? پنهنجون عالمي ذميداريون پوريون ڪرڻ جو پابند بڻائين، پاڪستان عالمي برادري تي زور ڏئي ٿو ته ڀارت کي خطي ۾ عدم استحڪام جي لاءِ رياستي دهشتگردي جي استعمال کان روڪيو وڃي، جڏهن ته ڪشمير جي مسئلي کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن ??وج?? پرامن طريقي سان حل ڪرڻ تي مجبور ڪيو وڃي، پاڪستان ڪشميري عوام سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيٺل هوندو ۽ انهن جي جائز خودمختياري واري حق کي حاصل ٿيڻ تائين هر ممڪن حمايت جاري رکندو. يوم سياهه ڪشمير جي موقعي ت?? پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اسان اهو ڏينهن ڀارت جي غير??ان????ي قبضي جي مذمت ۽ ڪشميري عوام جي لاءِ پنهنجي نه ختم ٿيندڙ حمايت جي طور تي ملهائي رهيا آهيون.