اسلام آباد – 12 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چ??و آهي ته ڀارت جي تڪراري سٽيزن شپ (ترميمي) بل 2019ع جي ڀارتي پارليامينٽ مان منظور ٿيڻ کانپوءِ سيڪيولر ه??ڻ جي دعويٰ بري طرح بي نقاب ٿي وئي آهي ۽ دنيا تي واضح ٿي ويو آهي ته ڀارت ۾ امتيازي سلوڪ سبب اقليتون خاص طور مسلمان غير محفوظ آهن، اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان جي بنگلاديش لاءِ نامزد هاءِ ڪمشنر عمران احمد صديقي سان ڳ??لهائيندي ڪيو جنهن ساڻس هتي ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي.