اسلام آباد – 05 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪ??ر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۾ توانائي جي وڌندڙ طلب جي ڪري ??وئس ڪمپنين جي لاءِ بجلي جي قابل تجديد، هائيڊل ۽ ڪلين ٽيڪنالاجي پيداواري منصوبن ۾ تمام گهڻي منافعي وارا موقعا موجود آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سوئس ڪنفيڊريشن جي ڪائونسل آف اسٽيٽس جي صدر جين ريني فريئر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن اي??ان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.