اسلام آباد – 07 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سياحت جي شعبي جي فروغ سان نه رڳو پاڪستان ۾ رهندڙ ماڻهن کي تفريح جي معياري سهولت ميسر ايندي پر سڄي دنيا مان ماڻهو پاڪستان جو رخ ڪندا جنهن سان سياحت سان جڙيل سيڪٽرز کي فروغ ملندو ۽ نوجوانن لاءِ نوڪرين ??ا بي شمار موق??ا پيدا ٿي??دا، اهڙن خيالن جو اظهار ملڪ ۾ سياحت جي فروغ جي حوالي سان منعقد هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ وزيراعظم جي خصوصي معاون سيد ذوالفقار عباس بخاري، خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاش اعواڻ ۽ ٻين ??ينئر آفيسرن به شرڪت ڪئي.