ڪوئيٽا – 28 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تا??يخ ۾ پهريون ڀيرو مو??وده حڪومت بلوچستان جي ترقي کي پنهنجي ترجيحن ۾ اولين ترجيح ڏئي رهي آهي، بلوچستان ۾ شروع ٿيندڙ منصوبن ۾ مقامي نوجوانن کي روزگار جا موقعا ڏنا پيا وڃن، گذريل حڪومتن جي بلوچستان کي نظرانداز ڪرڻ جي پاليسي جي ڪري هتان جي ماڻهن کي انهن جا حق نه مليا، پر هاڻي بلوچستان ۾ ترقي جو نئون دور شروع ٿي چڪو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستان جي سياسي اڳواڻن سان ڳالهائيندي ڪيو.