اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام کي پنهنجي گهرن جي فراهمي جو واعدو پورو ڪنداسين، تعميراتي شعبي کي ڏنل پيڪيج ۽ مراعتن جا اثر سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن، معاشي سرگرميون تيز ٿي وي??ن آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن نئون پاڪستان هائوسنگ اسڪيم تحت فراش ٽائون ۾ اپارٽمنٽس جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي گهرو وفاقي وزير شيخ رشيد احمد، سي ڊي اي، ايف ڊبليو او ۽ نئون پاڪستان هائوسنگ جا عملدار به موجود هئا. وزيراعظم چيو ته اڄ مون کي وڏي خوشي ٿي رهي آهي ته جنهن منصوبي جي اسان ايتري عرصي کان تياري ڪري رهيا هئاسين ان تي ڪم جو آغاز ٿي وي?? آهي. وزيراعظم چيو ته اسان مارگيج فنانسنگ لاءِ بئنڪن سان ڳالهيون ڪيون، انفراسٽرڪچر بڻايو ته جيئن عام م??ڻه?? کي گهر جي تعمير لاءِ س??تو قرض ملي سگهي ۽ غريب م??ڻه?? به پنهنجي گهر جو مالڪ بڻجي سگهي، هاڻي هائوسنگ جون اسڪيمون ۽ بئنڪ به قرض ڏيڻ تي تيار ٿي چڪا آهن. فراش ٽائون ۾ 2 سالن جي اندر م??ڻه?? کي فليٽس تعمير ڪري ڏنا وي??دا، ان منصوبي تي ايف ڊبليو او ۽ نئون پاڪستان هائوسنگ کي مبارڪباد ڏيان ٿو. وزيراعظم چيو ته بئنڪ عام م??ڻه?? کي گهر جي تعمير لاءِ قرض نه ڏيندي هئي، هاڻي به بئنڪن جي هيٺين اسٽاف طرفان ڪجهه رڪاوٽون پيدا ڪيون وي??ديون آهن جنهن کي ختم ڪيو پيو وڃي، سي ڊي اي کي مبارڪون ڏيان ٿو ته جنهن نئون پاڪستان هائوسنگ جي لاءِ گهڻو ڪم ڪيو آهي، اسان سي ڊي اي ۾ ون ونڊو آپريشن ۽ آٽوميشن طرف وڃي رهيا آهيون، م??ڻه?? کي اجازت ناما حاصل ڪرڻ لاءِ ڪافي مشڪل کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، آٽوميشن ۽ ون ونڊو آپريشن سان انهن جون مشڪلاتون گهٽ ٿينديون. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته جهڙي طرح ايف ڊبليو او رڪارڊ مدي ۾ ڪرتار پور ر??هد??ري جي منصوبي کي مڪمل ڪيو اهڙي طرح نئون پاڪستان هائوسنگ جي ان منصوبي کي به رڪارڊ مدي ۾ مڪمل ڪيوويندو. وزيراعظم چيو ته نئون پاڪستان هائوسنگ تحت ان منصوبي ج?? ذريعي پهرين 2 هزار فليٽس ان طبقي کي فراهم ڪيا وي??دا جيڪي پنهنجو گهر بڻائڻ جو سوچي به نه سگهندا هئا ۽ اهي عام م??ڻه?? صرف پنهنجي گهر جو خواب ئي ڏسي سگهندا هئا. ان اسڪيم ج?? ذريعي جيڪو پئسو گهر جي مسواڙ جي مد ۾ ڏيندا هئا اهو ئي بئنڪن جي قرض جي صورت ۾ ڏئي پنهنجي گهر جا مالڪ بڻجي وي??دا، اهو منصوبو عام مزدور، مڪينڪ، وي??ڊر جهڙن پورهيت طبقن لاءِ آهي جنهن وٽ پنهنجو گهر ٺاهڻ لاءِ ڪڏهن پئسو نه هوندو هو، اسان هارين لاءِ به رهائشي منصوبو وٺي اينداسين.وزيراعظم چيو ته حڪومت هيٺين طبقي کي گهر جي فراهمي لاءِ 3 لک روپين جي سبسڊي ڏئي رهي آهي، سي ڊي اي 600 گهر ڪچي آبادي جي م??ڻه?? کي ڏئي رهيو آهي، ڪنهن ان باري ۾ ڪڏهن سوچيو به نه هو، انهن غير قانوني ڪچي آبادين ۾ سيوريج سسٽم آهي نه پيئڻ جو صاف پاڻي، اسان ڪچي آبادين کي تبديل ڪنداسين ۽ کين مالڪاڻا حق ڏينداسين.