اسلام آباد – 24 – جنوري (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته ڏکڻ پنجاب کي نظرانداز ڪري ماڻهن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جا برابر موقعا نه ڏنا ويا. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڏکڻ پنجاب سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ڪندڙن ۾ سياسي معاملن وارو خاص معاون ملڪ ع??مر ڊوگر، وهاڙي مان قومي اسيمبلي ميمبر اورنگزيب خان کچي ۽ نور محمد خان ڀاڀا شامل هئا. ملاقات ۾ ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ ۽ آبادگارن جي لاءِ خصوصي پ??ڪي?? تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.