اسلام آ??اد – 13 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڀارتي وزيراعظم مودي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪارا قانون لاڳو ڪرڻ تي چيو ته سيڙپڪاري وڌندي، سرمايو ته نه آيو پر 5 لک فوج ضرور اچي وئي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ صدر آمريڪي اخبار جي ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ??ي خراب ٿيندڙ صورتحال بابت هڪ رپورٽ پڻ شيئر ڪئي ۽ چيو ته ڀارت والاريل خطي ۾ انٽرنيٽ، ٽي وي، فون بند ڪري ڇڏيا ۽ وڊيوز کي ??اهر وڃڻ کان روڪڻ جي لاءِ انٽرنيٽ جي رفتار سست ڪري ڇڏي آهي.