اسلام آباد – 31 آگ??ٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪراچي جي عوام جي مشڪلاتن تي اکيون بند نٿا ڪري سگهون، وفاق ڪراچي جي مسئلن جي حل ۽ ترقي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو رهندو، هلندڙ هفتي ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان کي حتمي شڪل ڏني ويندي. اهڙن خيالن جو ا??ها?? هن پنهنجي صدارت ۾ ڪراچي جي مسئلن جي مستقل حل لاءِ ”ڪراچي ٽرانسفارميشن پل??ن“ جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.