اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي وبا جي حوالي سان تازه ترين انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ 19 جي 445 مريضن ??ا ٽيسٽ مثبت آيا، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 6 مريض سڄي ملڪ جي اسپتالن ۾ ڪووڊ 19 جي ڪري فوت ٿيا، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ 19 جا 23 هزار 441 ٽيسٽ ڪي?? ويا جنهن مان سنڌ ۾ 6 هزار 389، پنجاب ۾ 9 هزار 938،خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 167، اسلام آباد ۾ 3 هزار 65، بلوچستان ۾ 454، گلگت بلتستان ۾ 350، آزاد ڪشمير ۾ 178 ٽيسٽ ڪي?? ويا، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 79 هزار 561 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ ڪو به ڪورونا جو مريض هن وقت وينٽيليٽرز تي نه آهي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي مريضن ??ي لاءِ مختص هڪ هزار 920 وينٽيليٽرز تي 114 م??يض آهن، هن وقت سڄي ملڪ ۾ گذريل24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي اي??ٽو ڪي??ز جو تعداد 8 هزار 803 آ??ي، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي مريضن ??و تعداد 2 لک 94 هزار 638 آهي.