اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان جي عوام جي سامهون ٻه سالا ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪري رهيا آهيون جيڪو جمهوري حڪومت جو طرز عمل هوندو آهي، وزيراعظم عمران خان 1996ع ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جو بنياد رکيو، ان جو محور ساڄي ۽ کاٻي بدران درست ۽ غلط بڻايو، هڪ طرف ذاتي مفاد ۽ ٻي طرف ملڪ ۽ قوم جي ترقي، خوشحالي جي بينادي مقصدن کي حاصل ڪرڻ آهي جنهن کي ا??ان پنهنجي ترجيحي بڻايو آهي ۽ انهي بياني کي اڳتي وٺي وڌي رهيا آهيون، مديني جي رياست جا ٽي بنيادي ٿنڀ رحم، انصاف ۽ احساس ا??ان جي دفاعي، معاشي ۽ ثقافتي سرگرمين جو احاطو ڪن ٿا. پاڪستان جي عوام ذاتي مفاد جي بياني کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ا??ان جو مقصد ذاتي ڪاميابين جي تشهير نه پر اندروني ۽ ٻاهرين محاذ?? تي دشمن جي ارادن جي خلاف وڙهڻ آهي، دشمن سدائين ا??ان جي معيشت کي نقصان پهچائي نااميدي ۽ افراتفري پکيڙڻ چاهي ٿو ۽ اطلاعات واري وزارت ان جنگ جو ڀرپور مقابلو ڪندي، حڪومت جي ڀرپور جدوجهد جي نتيجي ۾ ڏکيو وقت گذري چڪو، سٺو وقت شروع ٿي ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان تحريڪ انصاف جي موجوده حڪومت جا ٻه سال مڪمل ٿ??ڻ جي موقعي تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهر، ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر ??ان گڏ پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.