اسلام آباد – 25 جولاءِ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جو اجلاس منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص ??دمن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ ٿيو. فورم کي عيدالاضحيٰ تي جانور جي منڊين ۾ حفاظتي تدب??رن جي حوالي سان عملدرآمد ۽ خاص طور تي خلاف ورزين بابت بريفنگ ڏني وئي. مختلف صوبن ۾ حفاظتي تدب??رن جون خلاف ورزيون ڏسڻ ۾ آيون آهن. فورم کي ٻڌايو ويو ته پوري پاڪستان ۾ جانورن جي غيرقانوني منڊين کي بند ڪيو ويو، ڏنڊ هنيا ويا ۽ قانوني ڪارروائي به ڪئي وئي. فورم ۾ شاپنگ پلازه، سبزي منڊين ۽ جانورن جي منڊين ۾ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي جي استعمال ذريعي خلاف ورزين جي مشاهدي تي بريفنگ ڏني وئي. اسد عمر چيو ته وزيراعظم جي هدايت موجب اسان کي هي عيد ??ادگي سان ملهائڻ گهرجي. عيد ??ي تفريحي جاين جو رخ نه ڪيو وڃي ۽ عيد ??ي ميڙ کان پاسو ڪيو وڃي. هن چيو ته نماز ۾ سماجي فاصلن ۽ ڏنل هدايتن تي عمل سان وبا تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. اسد عمر چيو ته جانورن جي منڊين ۾ حفاظتي تدب??رن کي هر ممڪن يقيني بڻايو ويندو.