اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي احتساب واري خاص معاون شهزاد اڪبر چيو آهي ته 1985ع کان شگر ملز لڳائڻ ۽ سبسڊي جو معاملو نيب ڏانهن موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي، نيب شگر ڪميشن جي رپورٽ تي 9 شگر ملز کي گذريل 5 سالن ۾ سبسڊي ڏيڻ جي معاملي تي فوجداري ڪارروائي ڪ??دو، سيلز ٽيڪس ۽ بي نامي ٽرانزيڪشنز جو معاملو ايف بي آر ڏانهن موڪليو پيو وڃي، چٽاڀيٽي ڪ??يشن کن?? جي ڪاروبار جي 90 ڏينهن ۾ جاچ ڪندي، جعلي روانگي واپار ۽ مني لانڊرنگ جي ايف آءِ اي جاچ ڪندي، کن?? جي قيمتن کي پيداواري لاڳت جي تناسب سان گهٽ ڪرڻ جي لاءِ صنعت ۽ پيداوار واري وزير حماد اظهر جي قيادت ۾ ڪميٽي قائم ڪئي وئي، ڪو به شخص ڪيترو به طاقتور ڇو نه هجي ان جي خلاف ڪارروائي ڪ??داسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪ??و. هن چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي شگر ڪميشن جي رپورٽ جون سفارشون قائدين کي پيش ڪيون. شگر ڪميشن جي سفارشن ۽ ٻين ماهرن جي مشاورت سان ان حوالي سان قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو جن جي منظوري وزيراعظم عمران خان بني گالا ۾ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڏني.