اسلام آباد – 11 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??ي اڻٿڪ ڪوششن ۽ معاشي ٽيم جي ڏينهن رات محنت سان معيشت کي صحيح رخ ۾ گامزن ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيا آهيون، پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ذاتي کيسا ڀرڻ بدران ??وم?? ناڻو ڀريو پيو وڃي، اقتصا??ي ۽ معاشي قدمن سان سيڙپڪاري کي فروغ ۽ صنعتي ترقي جا موقعا وڌندا، هلندڙ مالي سال دوران واپاري خساري ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي، مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا وڌي رهيا آهن، روانگي ??اپار ۾ 4 سيڪڙو اضافو جڏهن ته فيڊرل بورڊ آف روينيو جي ٽيڪس ا??ڳا??ين ۾ 16 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اقتصادي معاملن واري ڊويزن جي وفاقي وزير حماد اظهر، وزيراعظم جي ناڻي ۽ روينيو واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، وزيراعظم ??ي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو جي چيئرمين سيد شبر زيدي چيو ته ??وم?? معيشت صحيح رخ ۾ گامزن آهي ۽ عوام کي ان جا ثمر منتقل ڪرڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي تحت قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن ??وم?? روانگي ??اپار کي فروغ ملي ۽ ملڪ ۾ صنعتي، واپاري ۽ اڏاوتي سرگرمين کي وڌائي سگهجي.