اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف رات دير تائين پاڪستاني جيولين ٿرو ايٿليٽ، ارشد نديم جي پيرس اولمپڪس ۾ پرفارمنس کي سڌوسنئون ڏٺو ۽ ٽن ڏهاڪن کانپوءِ اولمپڪس مقاب??ن ۾ سوني جو تمغو کٽڻ تي پور?? قوم کي مبارڪباد ڏني آهي. ڪالهه جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ارشد نديم جي شاندار ڪاميابي ۽ جيولين ٿرو ۾ نئون اولمپڪس رڪارڊ قائم ڪرڻ تي پاڪستان زندهه آباد جو نعرو هنيو. وزيراعظم ٽن ڏهاڪن کانپوءِ اولمپڪس مقاب??ن ۾ تمغو کٽڻ تي پور?? قوم کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان جيڪا فصل خادم اعليٰ پنجاب طور يوٿ فيسٽيول جي ذريعي پوکيءَ، ان جا شاندار ثمر سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو بلند ڪري رهيا آ??ن، منهنجي لاءِ اها فخر جي ڳالهه آهي ته ارشد نديم جهڙي باصلاحيت نوجوان کي دريافت ڪرڻ جي لاءِ الله رب العزت مون ناچيز کي وسيلو بڻايو. ان کان اڳ وزيراعظم ارشد نديم کي نه رڳو سوني جو تمغو کٽڻ تي پر اولمپڪس جو نئون عالمي رڪارڊ به قائم ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پور?? قوم کي ارشد نديم تي فخر آهي. هن چيو ته ارشد نديم پوري پاڪستان?? قوم کي تمام گهڻو خوبصورت تحفو ڏنو آهي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ع – ک 15:17