ملتان ??? 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) موٽروي ايم فور تي ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار جي سلسلي ۾ احتجاجي ريليون ۽ تقريبون منعقد ڪيون ويون. ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل موٽرويز سينٽرل 2 ??ون شاهد جاويد جي هدايت تي سيڪٽر ڪمانڊر ايم فور عاطف چوڌري ڊي ايس پي قمر شهزاد ڀٽي، سيڪٽر ايم فور جي آفيسرن، نوجوانن ۽ اسڪول جي ٻارن سان گڏ مختلف جاين تي ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لا??ِ ڪارو ڏينهن ملهايو ۽ احتجاجي ريلين ۽ تقريبن ذريعي ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو.