اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خا?? سوري ڪرسمس جي پرمسرت موقعي تي پاڪستان ۾ رهندڙ مسيحي برادري ۽ مسيحي برادري سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ جي ميمبرن ک?? ڪرسمس جون مبارڪون ڏنيون آهن جيڪو هر سال حضرت عيسيٰ جي يوم پيدائش جي موقعي تي س??ي دنيا ۾ عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو آهي. ان موقعي تي اسپيڪر پنهنجي پيغام ۾ چيو ته الله تعاليٰ حضرت عيسيٰ کي محبت، امن، برداشت ۽ ڀائيچاري جي تبليغ لاءِ موڪليو هو. هن چيو ته مسلمان حضرت عيسيٰ عليه السلام کي الله تعاليٰ جو پيغمبر مڃيندا آهن ۽ دل سان ان جي تعظيم ۽ احترام ڪندا آهن. هن چيو ته ڪرسمس جو ڏينهن اسان ک?? نئين اميدون ۽ منصوبن جي شروعات، تحقيقي صلاحيتن ک?? اجاگر ڪرڻ، تڪرارن جي حل ۽ ايندڙ نس??ن جي بهتر مستقبل جي لاءِ امن ۽ تعاون ک?? فروغ ڏيڻ جو درس ڏي ٿو.