عاشق حسين ساند
سنڌ جي ثقافتي ۽ سياحتي شهر ٽنڊوآدم جي هنجورڻ ڍنڍ جي ڪناري قائم قديمي پاڙي جمن شاهه جتي جو هڪ ئي خ??ند??ن 7 پيڙهين لڳ ڀڳ 200 سالن کان پڪل ران (سجي) جو ڪاروبار ڪري دنيا ۾ نالو ڪم??يو آهي، ٽنڊوآدم جي سجي جيڪا دنيا ۾ پنهنجي بهترين ذائقي سبب وڏي شوق سان کاڌي وڃي ٿي،
ان جو ڪاروبار ٽنڊوآدم جو هڪ ئي خاصخيلي خ??ند??ن ڪري رهيو آهي. 75 سال جي ڄمار رکندڙ سجي جو ڪاروبار ڪندڙ ماما غلام رسول خاصخيلي ۽ انور علي خاصخيلي ٻڌ??يو ته هو پنهنجي پڙ ڏاڏي کان وٺي اهو ڌنڌو ڪري رهيا آهن.
غلام رسول ٻڌ??يو ته 7 پيڙهين ۽ لڳ ڀڳ 200 سالن کان سندس خ??ند??ن ان ڪاروبار سان واڳيل آهي، هن ٻڌ??يو ته هو پاڻ جڏهن ٻاروتڻ جي عمر ۾ هو ته ان وقت اه?? پڪل ران چار آنا وڪرو ٿيندي هئي، جڏهن ته هاڻي ان جو اگهه وڌندي وڌندي وڃي 1800 رپين کان 2000 رپين تائين پهتو آهي ۽ ان جو وزن سوا ڪلو کان ڏيڍ ڪلو تائين هجي ٿو جڏهن ته هن جي وڏن ان ڪم جي شروعات پنهنجي مرشد غوث بهاءُالحق جي گادي نشين جي چوڻ تي ڪئي. هن ٻڌ??يو ته هو جيڪا ران تيار ڪن ٿا اه?? نه رڳو سنڌ پر هندستان، ايران، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب اماراتن سميت نار جي ڪيترن ئي ملڪن ۽ يورپي ملڪن ڏانهن پڻ وڏي شوق سان گهرائي وڃي ٿي. هن ٻڌ??يو ته سندس جواني واري عمر ۾ سعودي جي اڳوڻي بادشاهه شاهه فيصل سميت ڪيترائي عرب شهزادا پڻ اه?? ران گهرائيندا رهيا آهن، جڏهن ته اسلامي سربراهي ڪانفرنس ۾ هنن جي تيار ڪيل ران وڏي انگ ۾ گهرائي وئي هئي. جڏهن ته صدر ايوب خان به هڪ ڀيرو اه?? ران کائن بعد ڪيترائي ڀيرا اه?? ران کاڌي ۽ کين اعزازي سرٽيفڪيٽ سان پڻ نوازيو هو. جڏهن ته سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ڄام صادق علي خان جي فرزند ۽ اڳوڻي وفاقي وزير مرحوم ڄام معشوق علي خان جي شادي جي موقعي تي پڻ هزارن جي انگ ۾ اهي رانون گهرايون ويون هيون. ران جي تياري جي حوالي سان ٻڌائيندي غلام رسول خاصخيلي ٻڌ??يو ته سڀ کان اڳ ڇيلي (ٻڪر) جي چونڊ ڪئي ويندي آهي ۽ 7 کان 8 ڪلو ۽ 5 کان 6 مهينن جي عمر واري ٻڪر کي ذبح ڪري ان مان ران تيار ڪئي وڃي ٿي ۽ ان سڄي ڇيلي مان 2 رانون (پويون ٽنگُون)، 2 دستيون (اڳيون ٽنگُون) ۽ هڪ ڪمر پچائي وڃي ٿي. ران جي تياري لاءِ سڀ کان پهرئين سڪل ڪاٺين جي باهه ٻاري وڃي ٿي ۽ ڪچي ران کي بهتر نموني ڌوئي ان کي لوڻ هڻي ۽ 3 کان 4 ڪلاڪ پاڻي ۾ رکيو ويندو آهي ته جيئن اه?? لوڻ جذب ڪري وٺي. جنهن بعد ان کي تيل جو ڇنڊو هڻي چهنبدار ڪاٺي ۾ هڻي ٻريل باهه جي ويجهو پچڻ لاءِ رکيو ويندو آهي ۽ شروعاتي پچڻ لاءِ ان کي 3 کان 4 ڪلاڪن تائين ان ئي باهه جي تپش تي رکيو ويندو آهي جنهن بعد ان کي گيهه هڻي ٽانڊن جي تپش تي آخري مرحلي تحت پچ??يو ويندو آهي ۽ ان دوران ران کي ڇري سان چهڪ ڏئي ان تي ٻه ڀيرا گيهه جو ليپ ۽ مصالحو هنيو ويندو آهي پر جي ان سموري مرحلي ۾ تڪڙ کان ڪم ورتو ويو ته ان جي سواد ۾ گهٽتائي اچي ويندي ۽ جي اه?? ران سچي گيهه ۾ تيار ڪئي وڃي ته ان جو ذائقو اڃا به وڌيڪ ٿي وڃي ٿو. هن ٻڌ??يو ته ر??ن ۾ استعمال ٿيندڙ مصالحو هو پاڻ تيار ڪندا آهن ۽ ??ن ۾ ڏاڙهون، دال چيني، ڪارا مرچ، ڦوٽا، اڇو جيرو، ڪارو جيرو ۽ ٻيو سامان استعمال ڪيو وڃي ٿو. هن ٻڌ??يو ته ران پچڻ بعد ان کي ڪٽي ان تي ليمون هڻي کائيندڙ جي اڳيان رکي وڃي ٿي ۽ اه?? ڏهي جي رائتي سان وڌيڪ مزو ڏيندي آهي
جڏهن ته جي وري ٻاهر اماڻيندا آهيون ته ان کي پلاسٽڪ جي ٿيلهي ۽ ڪلي ۾ پيڪ ڪيو ويندو آهي ته جيئان اه?? ڪافي ڪلاڪن تائين گرم رهي ۽ خاص طور تي 5 ڪلاڪن تائين اه?? پنهنجو مزو برقرار رکندي آهي. جڏهن ته عيدالاضحيٰ جي موقعي تي ڪيترائي ماڻهون قرباني جي جانورن جو رانون کڻي ايندا آهن جيڪي اسان انهن کي مناسب اجوري تي پچائي ڏيندا آهيون. هن ٻڌ??يو ته دنيا ۾ تمام گهڻو مشهوري ملڻ بعد ملڪ جي ڪيترين ئي ناليوارين هوٽلن اسان کي پاڻ وٽ ڪم ڪرڻ لاءِ آڇون ڪيون پر اسان هميشه اهي آڇون ٺڪرائي ڇڏيون. هن ٻڌ??يو ته ڏينهون ڏينهن مهانگائي سبب هاڻي ان ڪاروبار ۾ به مزو ناهي رهيو ڪمايون ٿا ۽ کائون ٿا هاڻي ان مان بچت سوچڻ وقت وڃائڻ برابر آهي.