مظفرآباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي آزاد ڪشمير جو دورو ڪيو. ان دوران هن وزي??اع??م هائوس آزاد ڪشمير جو دورو پڻ ڪيو. وزي??اع??م جو قومي سلامتي وارو خاص معاون معيد يوسف پڻ پرڏيهي وزير سان گڏ هو. آزاد ڪشمير جي وزي??اع??م راجا فاروق حيدر خان پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي وزي??اع??م هائوس ۾ آج??ان ڪئي. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي آزاد ڪشمير جي وزي??اع??م راجا فاروق حيدر سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال ۽ 5 آگسٽ تي استحصال جي ڏهاڙي جي حڪمت عملي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پوري پاڪستاني قوم مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت جي مسلسل ڏاڍ ۽ دٻاءُ باوجود 5 آگسٽ جي غيرقانوني قدم کي سمورا ڪشميري رد ڪري چڪا آهن. مظلوم ڪشميرين جي آواز کي دنيا جي هر فورم تي اٿارينداسين. وزي??اع??م راجا فاروق حيدر چيو ته معصوم ڪشميري دنيا ??ي چوٿين وڏي ف??جي قوت جو ڄمي مقابلو ڪري رهيا آهن، پاڪستاني قوم پاران ڪشميرين سان يڪجهتي جي بي مثال مظاهري تي انهن کي سلام پيش ڪريون ٿا. پاڪستان ڪشميرين جو سڄي دنيا ۾ واحد وڪيل آهي.