اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ??ه منهنجي ڪنهن سان دشمني نه آهي، نه ڪنهن کان بدلو وٺڻ چاهيان ٿو، جيستائين ليڊرشپ جو اح??ساب نه ٿيندو ملڪ اڳتي نٿو وڌي سگهي، امير ۽ غريب جي وچ ۾ وڌندڙ فرق ترقي جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي، ڪشمير جو مسئلو پوائنٽ آف نوريٽرن تي په??ي ويو آهي، ميرٽ ۽ ليڊرشپ جو اح??ساب جمهوريت جو بنيادي اصول آهي، ملڪ ۾ صحيح معنيٰ ۾ اح??ساب جو عمل نه هليو ته اسان اڳتي نه وڌي سگهنداسين. قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ س??شن دوران پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم عمران خان ڪورونا وائرس جي وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومتي قدمن ۽ پاليسي، معيشت جي صورتحال، پرڏيهي محاذ تي پاڪستان جي ڪاميابين جو تفصيل سان ذڪر ڪيو.