اس??ام آباد-27 نومبر (اي پي پي) اس??ام آباد پوليس ۽ ضلعي انتظاميه احتجاج دوران گرفتارين، سيڪيورٽي اهلڪارن جي زخمي ٿيڻ ۽ نقصانن جي حوالي سان تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن، ٽنهي ڏينهن ۾ پوليس 56 افغانين سميت 954 شرپسندن کي گرفتار، 200 ک??ن وڌيڪ گاڏين، مظاهرو ڪندڙن جي استعمال ه??ٺ 39 هٿيار قبضي ۾ ورتا، شرپسند عنصرن 67 سيف سٽي ڪئميرائن کي نقصان پهچايو جنهن جو ڪاٿو اٽڪل 38 ملين روپيا آهي، مختلف ڪئميرائن جي مدد سان اس??ام آباد ۾ داخل ٿيل 3 هزار گاڏين ۽ ان ۾ موجود ماڻهن ۽ هٿيارن بابت تفصيل حاصل ڪيا ويا آهن. پي ٽي آءِ طرفان اس??ام آباد ۾ احتجاج نه پر دهشتگردي ڪئي وئي آهي جنهن تي 7 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، انهن ۾ احتجاج ڪرڻ، ڪرائيندڙن ۽ سهولتڪارن کي نامزد ڪيو ويو آهي، احتجاج دوران 71 سيڪيورٽي اهلڪار زخمي ٿيا جن مان 27 کي گوليون لڳيون آهن، 3 رينجرز اهلڪارن سميت 4 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿيا آهن. آءِ جي اس??ام آباد پوليس سيد علي ناصر علي رضوي پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ٻڌايو ته دهشتگرد احتجاج ۾ هٿيار استعمال ڪري رهيا هئا، احتجاج ڪندڙن وٽ هٿيار، ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا شيل موجود هئا، اس??ام آباد پوليس پنجاب پوليس، رينجرز ۽ ٻين ادارن جي مدد سان 954 شرپسندن کي گرفتار ڪري 200 ک??ن وڌيڪ گاڏين کي به قبضي ۾ وٺي ڇڏيو آهي. آءِ جي اس??ام آباد ٻڌايو ته احتجاج جي بهاني شرپسندي ڪندڙ عنصرن کان 39 هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن،آءِ جي اس??ام آباد ٻڌايو ته صوبائي حڪومت طرفان ڳوڙها آڻيندڙ گئس کي اس??ام آباد ۾ استعمال ڪيو ويو ۽ سرڪاري وسيلن م??ن وڏا پکا تيار ڪري انهن کي استعمال ڪيو ويو ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس کي پوليس طرف ڌڪيو ويو. هن ٻڌايو ته گڏيل ڪارروائي ڪندي 954 شرپسندن کي گرفتار ڪيو ويو، صرف 26 نومبر واري ڏينهن 600 ک??ن وڌيڪ ڪارڪنن ۽ 200 ک??ن وڌيڪ گاڏين کي پڪڙيو ويو، هٿيار به پڪڙيا ويا جنهن ۾ ڪلاشنڪوف ۽ ٻيا ڳرا هٿيار موجود هئا. آءِ جي ٻڌايو ته شرپسندن جي فائرنگ، ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي شيلنگ ۽ ربڙ بلٽ سان سيڪيورٽي فورسز جا 71 اهلڪار زخمي ٿيا، 52 رڳو ڪالهه زخمي ٿيا، 27 اهلڪار اهڙا هئا جيڪي گولي لڳڻ سبب زخمي ٿيا. هن چيو ته ڪجهه هزار ماڻهو اچن ۽ رياست جي رٽ کي چئلينج ڪن اهو نٿو ٿي سگهي، ڪالهه رات ٿيل آپريشن ۾ اسان ڳوڙها آڻيندڙ گئس ذريعي علائقو ڪليئر ڪرايو. 3000 ک??ن وڌيڪ گاڏين جا فوٽو سامهون اچي ويا آهن جن کي استعمال ڪيو ويو، سرچ آپريشن اڃان به جاري آهي.ڪئميرائن جي مدد سان گهرن ۽ هاسٽلن کي به چيڪ ڪيو پيو وڃي.مظاهرين ۾ پرڏيهي شهرين جو هجڻ ڳڻتي جوڳو آهي.آءِ جي اس??ام آباد واضح پيغام ڏنو ته هاڻي گهڻو ٿي ويو، هاڻي اس??ام آباد ۾ بنا اين او سي جي ڪنهن کي به جلسو ڪرڻ جي اجازت نه هوندي. ان موقعي تي چيف ڪمشنر اس??ام آباد محمد علي رنڌاوا چيو ته احتجاج ۽ دهشتگردي ۾ فرق آهي، احتجاج جي آڙ ۾ ڪنهن به قسم جي دهشتگرداڻي ڪارروائي کي برداشت نه ڪيو ويندو. اين او سي کانسواءِ ڪنهن به افغان شهري کي اس??ام آباد ۾ رهڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون، شرپسندن کان اس??ام آباد خالي ڪرايو ويو آهي ۽ سموريون سرگرميون معمول موجب بحال ٿي ويون آهن. هن چيو ته گهرو وزارت جي هدايتن موجب اس??ام آباد ۾ رهندڙ سمورن افغانين جي ٻيهر ڇنڊڇاڻ ڪنداسين ۽ بنا اين او سي جي رهندڙ سمورن پرڏيهين کي اس??ام آباد مان بي دخل ڪيو ويندو. چيف ڪمشنر چيو ته اس??ام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي انتظاميه احتجاجي مظاهرو ڪندڙن کي سنگجاڻي واري هنڌ تي جلسو ڪرڻ جي آڇ ڪئي تنهن هوندي به هو سموريون رڪاوٽون پار ڪري ۽ قانون هٿ ۾ کڻي شهر داخل ٿي ويا. هڪ سوال جي جواب ۾ چيف ڪمشنر ٻڌايو ته اس??ام آباد پوليس، رينجرز، پنجاب پوليس ۽ ٻين ادارن جي بهترين حڪمت عملي تحت ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي مدد سان شرپسندن کي ڀڄڻ تي مجبور ڪيو.ا