اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ??شم??ر تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ??شم??رين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان هلندڙ هفتي ٻارن جو عالمي ڏينهن ملهائي رهيا آهيون، اهڙي ۾ اسان ??شم??ري ٻارن جي خراب حالت کي نه وسارينداسين جيڪي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ??شم??ر ۾ جاري ظلمن جي نتيجي ۾ خوف ۽ هراس جي ماحول ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. هن چيو ته هڪ اهڙي علائقي ۾ رهندي جتي لکن جي انگ ۾ فوجي دستا مقرر هجن، ??شم??ري ٻارن کي درپيش صدما تمام گهڻا آهن، جيڪي انهن جي نفسياتي ۽ ذهني صحت تي اڻمٽ نشان ڇڏي رهيا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ??شم??ر ۾ ڀارتي ڪاررواين جي نتيجي ۾ هڪ لک کان وڌيڪ ٻار يتيم ٿي چڪا آهن، انهن جي خراب حالت عالمي ڌيان جي مستحق آهي. هن چيو ته اسان عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها ??شم??ري ٻارن جي حقن جي لاءِ آواز اٿاري ۽ انهن جي مصيبتن جي خاتمي جو مطالبو ڪري.