اسلام آباد – 03 مئي (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته علمي ۽ تحقيقي ادارن جي سڃاڻپ فڪري ڪشادگي هوندي آهي جنهن تحت نون خي??لن ۽ رجحانن جي آجيان ڪئي ويندي آهي ج??ڪو ترقي جو بنياد آهي، تحقيق تي ڌيان ڏيندڙ قومون ترقي جي ڊوڙ ۾ ڪڏهن به پوئتي ناهن رهنديون، تحقيقي ادارن ۽ صنعتن جي وچ ۾ ويجها رابطا هموار ٿيڻ گهرجن، ??اڪستان جو آزمائش جو دور ختم ٿي ويو آهي ۽ ترقي اسان جو مقدر بڻجي چڪي آهي، صدر اها ڳالهه هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي اهتمام هيٺ پاڪستاني يونيورسٽين جي لاءِ ريسرچ پروگرام جي ايوارڊ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي ايڇ اي سي جي چيئرمين ڊاڪٽر مختار احمد به خطاب ڪيو.